بري (جانور)

بَرِي: ٻاڪري مال جو هڪ نسل. ٻڪريءَ جو هڪ قسم، جيڪا ننڍڙن لاسڙ وارن سان يڪ رنگي ٿئي ۽ قدري هرڻ سان مشابهت رکي ٿي. بري ٻڪريءَ جا هيٺيان قسم آهن: ’ڪيٽي بري‘، ’ڏوڙاڪي بري‘، ’وانگاڻي بري‘، ’ڪاري بري‘، ’ڳاڙهي بري‘، ’ڀوري بري‘، ’جَهري بري‘، ’بگي بري‘، ’هئڊي بري‘، ’ڪَٻري بري‘، ’ٽاپري بري‘، ’بادامي بري‘، ’چيني بري‘. هن نسل جون ٻڪريون حيدرآباد، نوابشاهه، ٿرپارڪر، سکر ۽ دادو ضلعن ۾ پاليون وينديون آهن. هيءُ نسل خوبصورت آهي ۽ مالدار شوق سان پاليندا آهن. ڪن تي ڀوري رنگ جا داغ پڻ ٿيندا آهن. سڱ هرڻ وانگر سڌا ۽ تکا چهنباريا ٿين. ڪَنَ ننڍا پر کڙا، ڀريل جسم، سڌي پُٺي، ڳچي سنهي ۽ ڊگهي هوندي اٿن. وچولو اوهه، ننڍا ٿڻ، کل سنهي ۽ جسم تي تمام ننڍا وار ٿيندا اٿن. هن نسل جون ٻڪريون سنڌ ۾ عام جام آهن. هي ٻڪريون اڇي، ڳاڙهي، ڪاري، يا چٽڪمري رنگ جون ٿين. اهي بندري قد جون، چالاڪ، ننڍين ٽنگن واريون ٿين. ڪي ٻڪريون ننڍڙن سڱن سان ۽ ڪي موڏيون به ٿين. هن ٻڪريءَ جون اکيون وڏيون ۽ چمڪندڙ، مٿو ننڍو ٿئيس. بَري ٻڪري هڪ ئي وقت تي چئن ٻچن ڄڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو